اوڙاهه 3

اوڙاهه 3 (ناول): حليم بروهي جو لکيل مشھور ناول جيڪو 1975ع واري ڏهاڪي ۾، ڪرائون سائيز ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هيءُ ناول هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ڪھاڻيءَ تي بيٺل آهي، جيڪو چرئي ٿيڻ جي ويجهو آهي. هو پنھنجي نفسياتي ڇيد ڪرڻ لاءِ ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ٿو ۽ پوءِ ماضيءَ جون ڪڙيون کلنديون وڃن ٿيون، جنھن ۾ هن جي ذهني ڪئنواس تي ڪيترا ڪردار ۽ خاص ڪري عورت ڪردار اُڀري اچن ٿا، جيڪي سندس زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو